حڪومت سينيٽ چونڊن دوران هارس ٽريڊنگ کي روڪڻ لاءِ آئيني ترميم تي جي يو آءِ کي راضي ڪرڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون

 حڪومت سينيٽ چونڊن دوران هارس ٽريڊنگ کي روڪڻ لاءِ آئيني ترميم تي جي يو آءِ کي راضي ڪرڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن، وفاقي وزيرن مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪري آئيني ترميم تي مشاورت ڪئي آهي.

اسلام آباد ۾ وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ پرويز رشيد جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران سينيٽ چونڊن دوران هارس ٽريڊنگ کي روڪڻ لاءِ مختلف معاملن تي مشاورت ڪئي وئي.

ذريعن موجب، وفاقي وزيرن، مولانا فضل الرحمان کي 22 هين آئيني ترميم جي حمايت ڪرڻ تي راضي ڪرڻ جون ڪوششون پڻ ڪيون.

ملاقات دوران ٿيل فيصلن کي پريس ڪانفرنس ذريعي ميڊيا کي آگاهه ڪرڻ جو امڪان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*