لاڙڪاڻي ۾ ايڪسائيز کاتي ۾ انسپيڪٽر جي پوسٽ لاءَ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن پاران آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

larkana excise test pas kandar

لاڙڪاڻي ۾ ايڪسائيز کاتي ۾ انسپيڪٽر جي پوسٽ لاءَ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن پاران آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 نوشاد سولنگي ۽ غلام مصطفيٰ ڀٽو جي اڳواڻي ۾ اميدوارن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته 2007 ۾ انسپيڪٽر جي پوسٽ لاءِ ٽيسٽ پاس ڪرڻ باوجود اسان کي نوڪرين جا آرڊر نه ڏنا ويا آهن.

هنن چيو ته مسلسل احتجاج ڪرڻ باوجود ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اسان کي نوڪرين جا آرڊر ڏئي بيروزگاري کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*