پيپلزپارٽي جي سينيٽر ۽ ناليواري قانون دان اعتزاز احسن چيو آهي ته

aitzaz-hassan-politician-Islamabad-24816

پيپلزپارٽي جي سينيٽر ۽ ناليواري قانون دان اعتزاز احسن چيو آهي ته عدالت طرفان حديبيا مل ڪيس ۾ نوازشريف خلاف اسحاق ڊار جي بيان باوجود ڪو قدم نه کڻڻ تعجب جي ڳالهه آهي، چونڊون وقت تي ٿيندي نظر اچي رهيون آهن، چونڊون ويجهي ايندو ئي اتحاد ٺهڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته عدالت طرفان حديبيا مل ڪيس ۾ نوازشريف خلاف اسحاق ڊار جي اعترافي بيان باوجود ڪو قدم نه کڻڻ حيرت جوڳي ڳالهه آهي،

هن چيو ته عمران خان پنهنجي مني ٽريل عدالت ۾ پيش ڪري چڪو آهي تنهن ڪري کيس اهل قرار ڏنو ويو پر نواز شريف ڪيس ۾ الزام قبول ڪيا ۽ مني ٽريل به ڏيکاري نه سگهيو.

 پ پ سينيٽر چيو ته چونڊون وقت تي ٿيندي نظر اچي رهيون آهن، پارٽين ۾ ڳالهين جو سلسلو هلندو رهيو آهي.

ناليواري قانوندان اعتزاز احسن چيو ته چونڊون ويجهي ايندو ئي اتحاد ٺهڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*