اڳوڻي صدر ۽ اڳوڻي آرمي چيف رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف چيو آهي ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳڻ جو ڪو به امڪان نه آهي

pervaiz-musharaf-25616

اڳوڻي صدر ۽ اڳوڻي آرمي چيف رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف چيو آهي ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳڻ جو ڪو به امڪان نه آهي، حڪومت جو مدو پورو ٿيندي نظر نه پيو اچي، اميد آهي ته سپريم ڪورٽ حڪومت گهر موڪليندي، نااهل حڪمران گورننس نٿي ڄاڻي، وقت اچي ويو آهي ته نظام کي تبديل ڪيو وڃي.

هڪ ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي پرويز مشرف چيو ملڪ ۾ مارشل لا لڳڻ جو ڪو به امڪان نه آهي،

هن چيو ته حڪومت جو مدو پورو ٿيندي نظر نه پيو اچي، اميد آهي ته سپريم ڪورٽ حڪومت گهر موڪليندي،

اڳوڻي صدر چيو ته نااهل حڪمران گورننس نٿي ڄاڻي، وقت اچي ويو آهي ته نظام کي تبديل ڪيو وڃي.

هن چيو ته سندس خواهش آهي ته موجوده حڪومت جلد کان جلد فارغ ٿئي، هن وقت ملڪ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت ضروري آهي،

پرويز مشرف چيو ته هن وقت آئين کان وڌيڪ ملڪ کي بچائڻ ۽ جمهوري ترميم جي ضرورت آهي.

اڳوڻي آرمي چيف چيو ته سپريم ڪورٽ سٺو ڪم ڪري رهي آهي ۽ جيڪڏهن فوج جو به ان ۾ ڪردار آهي ته اها به سٺي ڳالهه آهي ته ڇو ته اڄ هر پاڪستاني پريشان آهي.

هن چيو ته نواز شريف ڪڏهن به صادق ۽ امين ناهي رهيو، نواز شريف ۽ عمران خان جي ڪيسن جي ڀيٽ ڪرڻ ذيادتي آهي،

پرويز مشرف چيو ته عمران خان هڪ ديانتدار شخص آهي جنهن تي ڪير به شڪ نٿو ڪري سگهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*