سيتا روڊ ۾ دادو روڊ جي مرمت نه ٿيڻ خلاف پ پ شھيد ڀٽو طرفان احتجاجي تحريڪ جاري رکندي بک هڙتال ڪئي وئي

sethrja pp shahed ahtjaj

سيتا روڊ ۾ دادو روڊ جي مرمت نه ٿيڻ خلاف پ پ شھيد ڀٽو طرفان احتجاجي تحريڪ  جاري رکندي بک هڙتال ڪئي وئي.

پ پ شهيد ڀٽو ڪارڪنن پريس ڪلب اڳيان محبوب سنڌي، نوراحمد پليپوٽو، پپو چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪري  سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سيتا دادو روڊ تباهه حال آھي، جنهن ڪري روڊ حادثا روز جو معمول بڻيل آھي.

هنن چيو ته روڊس کاتي جا عملدار ڪاغذن ۾ ڪيترائي ڀيرا روڊ ٺھرائي چڪا آھن، پر اصل ۾ روڊ جي مرمت نٿي ڪرائي وڃي.

هنن اختيارين کي اپيل ڪئي آھي ته ٽٽل روڊ جلد ٺھرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*