ڪراچي ۾ شاهه لطيف ٽائون ڀرسان ٽرالر، پوليس ٽرڪ کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ 11 اهلڪار زخمي ٿي پيا

Accident-Road-27217

ڪراچي ۾ شاهه لطيف ٽائون ڀرسان ٽرالر، پوليس ٽرڪ کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ 11 اهلڪار زخمي ٿي پيا.

صبح جو اهلڪارن کي رزاق آباد پوليس ٽريننگ سينٽر کڻي ويندڙ ٽرڪ کي غلط رستو اختيار ڪندڙ ٽرالر ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ شاهه رحمان، ساجد، ۽ صدام حبيب سميت11 اهلڪار زخمي ٿي پيا.

پوليس اهلڪارن ۽ ريسڪيو ٽيمن حادثي واري هنڌ پهچي زخمي اهلڪارن کي جناح اسپتال پهچايو، جتي سندن علاج هلندڙ آهي.

ايس ايس پي ملير رائو انوار ٻڌايو ته ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*