لاڙڪاڻي ۾ بگٽي برادري پاران ٽن ڄڻن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Larkana-map-6917

لاڙڪاڻي ۾ بگٽي برادري پاران ٽن ڄڻن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

محبوب بگٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مرد ۽ عورتن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته پوليس 3 ڏينهن گذرڻ باوجود مقتول اڪبر بگٽي، دادمحمد ۽ الهڏني بگٽي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري نه سگهي آهي.

هنن چيو ته پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران اسان جي هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪيو، جيڪا زيادتي آهي

هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته مقتول اڪبر بگٽي، دادمحمد ۽ الهڏني بگٽي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*