خيرپور ناٿن شاھ ۾ ليڊي ھيلٿ ورڪرز مطالبا منظور نه ٿيڻ خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي

k nathan shah lady health worker protest

  خيرپور ناٿن شاھ ۾ ليڊي ھيلٿ ورڪرز مطالبا منظور نه ٿيڻ خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي.

ليڊي هيلٿ ورڪرز نور بانو ملاح،  مختيار بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تعلقي اسپتال جي احاطي ۾علامتي بک هڙتال ڪري  نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ليڊي هيلٿ ورڪرز جو چوڻ ھيو ته هو  23 سالن کان ڊيوٽي ڪري رهيون آهن، پر کين مستقل ملازمن وارا حق نه پيا ڏنا وڃن.

 ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سندن جائز مسئلا ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*