ڪجهه عرصي ۾ سڄي دنيا انڪم سپورٽ پروگرام تي فخر ڪندي، ماروي ميمڻ

 بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ماروي ميمڻ دعويٰ ڪئي آهي ته ڪجهه عرصي ۾ اداري کي ايترو ته بهتر بڻايو ويندو جو سڄي دنيا انڪم سپورٽ پروگرام تي فخر ڪندي.

اسلام آباد ۾ عورت صحافين ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ بعد ميڊيا ماروي ميمڻ چيو ته وزيراعظم پاران کيس بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جـِي چيئرپرسن مقرر ڪرڻ تي هوءَ سندس ٿورائتي آهي.

هن چيو ته انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي عورتن کي اهڙا ذريعا فراهم ڪيا ويندا، جو سندن قسمت ئي بدلجي ويندي.

ماروي ميمڻ چيو ته وزيراعظم کيس پروگرام ۾ وڌيڪ بهتر آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي، جنهن تي هو هر ممڪن پورو لهڻ جي ڪوشش ڪنديِ.

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن وڌيڪ چيو ته ڪجهه عرصي ۾ اداري کي ايترو ته بهتر بڻايو ويندو جو سڄي دنيا انڪم سپورٽ پروگرام تي فخر ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*