بلوچستان جي علائقي ڪوئيٽا ۾ چرچ تي دهشتگرن جي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 40 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا

queta church dhamako

بلوچستان جي علائقي ڪوئيٽا ۾ چرچ تي دهشتگرن جي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 40 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 2 آپگهاتي حملي آور مارجي ويا ۽ 2 فرار ٿي ويا آهن.

ڪوئيٽا ۾ زرغون روڊ تي چرچ ۾ دعا واري تقريب دوران دهشتگردن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني،

آپگهاتي بمبارن چرچ ۾ داخل ٿيڻ ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته دروازي تي مقرر اهلڪار فائرنگ ڪري بمبار کي ماري ڇڏيو. جڏهن ته ٻئي آپگهاتي بمبار اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.

ڌماڪي بعد پوليس ۽ ايف سي موقعي تي پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهيو.

سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن جي فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ بمبار پاڻ کي چرچ جي اڱڻ ۾ ڌماڪي سان اڏيو.

دهشتگردن جي حملي ۾ مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال سميت ڪوئيٽا جي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.

آپگهاتي حملي ۾ مارجي ويلن ۾ مهڪ، آڪاش، فضل مسيح، جارج مسيح، گلزار ڀٽي، سلطان مسيح ، سونا ندف زال نوف حميد ۽ مديحا برڪت شامل آهن.

زخمين ۾ انعم يونس، ڪاش، اسحاق، شان، ياسر، سلميٰ عادل، روحن، سهيل، يونس، پرويز عاشق، ڪامران، حميد مسيح، جوزف  ۽ شهزاده سميت 44 ڄڻا شامل آهن.

ڊي آءِ جي ڪوئيٽا عبدالرزاق چيما موجب، چرچ تي حملو ڪندڙ دهشتگردن جو انگ 4 هئو، جن مان 2 مارجي ويا ۽ 2 فرار ٿي ويا آهن،

ڊءِ آءِ جي موجب، سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي فرار ٿيل جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

هوڏانهن بلوچستان جي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته چرچ تي ٿيل حملو آپگهاتي هو، جوابي ڪارروائي ۾ 2 آپگهاتي بمبار مارجي ويا.

سرفراز بگٽي چيو ته آپگهاتي حملي آورن جوتعداد ڪيترو هو، ان بابت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو.

هوڏانهن آءِ جي بلوچستان معظم انصاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آپگهاتي حملو ڪندڙن جو تعداد 4 هئو، جن مان هڪ کي چرچ جي مرڪزي در وٽ ماروي ويو، ٻئي کي احاطي ۾ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏايو.

آءِ جي بلوچستان چيو ته چرچ ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 4 سئو  ماڻهو موجود هئا، جيڪڏهن دهشتگرد چرچ اندر پهچي وڃن ها ته وڏو جاني نقصان ٿئي ها.

آءِ جي معظم انصاري چيو ته سيڪيورٽي فورسز بروقت ڪارروائي ڪندي قوم کي وڏي سانحي کان بچائي حملو ڪندڙن کي ماري ڇڏيو.

ٻئي طرف اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته  مارجي ويلن مان هڪ شخص جي سڃاڻپ آزاد جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته مارجي ويلن ۾ هڪ عورت به شامل آهي.

اکين ڏٺل شاهدن موجب، چرچ ۾ ڪيترائي ماڻهو ويٺا هئا ته اچانڪ ڌماڪو ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا.

اکين ڏٺل شاهدن جو چوڻ هو ته ڌماڪي بعد چرچ ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ هڪ شخص جو مٿو شيشو لڳڻ سبب ڦاٽي پيو، جڏهن ته هڪ ٻاربه زخمي ٿيو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*