آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ملڪي سيڪيورٽي صورتحال تي 19 ڊسمبر تي سينيٽ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندو

Bajwa-Army-Cheif-231117

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ملڪي سيڪيورٽي صورتحال تي 19 ڊسمبر تي سينيٽ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندو، سينيٽ جي سيڪريٽري طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف اڱاري ڏهاڙي سينيٽ ڪميٽي جي علائقائي سيڪيورٽي صورتحال بابت جوڙيل حڪمت عملي ۽ آمريڪي ڪردار تي ان ڪيميرا بريفنگ ڏيندو.

سينيٽ جي سيڪريٽري طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ملڪي سيڪيورٽي صورتحال تي اڱاري ڏهاڙي صبح جو 10 سينيٽ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندو.

پڌرائي موجب، آرمي چيف ڪميٽي کي علائقائي سيڪيورٽي صورتحال بانبت جوڙيل حڪمت عملي ۽ آمريڪي ڪردار تي ان ڪيميرا بريفنگ ڏيندو.

اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ ڊي جي ملٽري پريشن به بريفنگ ڏيندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*