ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن ۽ ڳڙي سان برسات سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي

isl barish

ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن ۽ ڳڙي سان برسات سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اتر اوڀر کان  هوائون 45 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان لڳنديون، جنهن ڪري گرمي پد 10 کان 14 سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.

رات دير سان ڪلفٽن، ڊفينس، ٽاور، ماڙيپور، شيرشاهه، کارادر، گلشن اقبال، اورنگي ٽائون شاهراهه فيصل سميت مختلف علائقن تيز هوائن سان برسات وسي پئي.

ڊفينس، ملير، ڪورنگي ۽ ٻين علائقن ۾ ۾تيز هوائن ۽ ڳڙي سان برسات سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

هوڏانهن، نوشهروفيروز، خيرپورناٿن شاهه، باڊهه، مُهين جو دڙو سميت مختلف علائقن ۾ برسات ٿي، جنهن سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اتر اوڀر کان اولهه 45 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون لڳنديون، شهر ۾ گرمي پد 10 کان 14 سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب سائبرين جون هوائون اڄ منجهند تائين گهلنديون، جنهن ڪري ڪراچي سميت مختلف علائقن ۾ ٿڌ ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*