ڪوئيٽا ۾ چرچ تي حملي خلاف بلوچستان بار ڪائونسل جي سڏ تي سڄي صوبي ۾ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو

queta clast bar council protest

ڪوئيٽا ۾ چرچ تي حملي خلاف بلوچستان بار ڪائونسل جي سڏ تي سڄي صوبي ۾ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، جڏهن ته چرچ ڌماڪي واقعي جو ڪيس سول لائين ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي.

گذريل ڏينهن ڪوئيٽا جي زرغون روڊ تي چرچ ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٽن عورتن سميت 9 ڄڻا مارجي ويا هئي، جڏهن ته 60 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا.

چرچ تي حملي جو ڪيس سول لائين ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، جڏهن ته 9 ڄڻن جون آخري رسمون به ادا ڪيو ويون آهن،

گذريل ڏينهن آپگهاتي ڌماڪي ۾ زخمين ٿيلن جو علاج مختلف اسپتالن ۾ جاري آهي.

ٻئي طرف مارجي ويل ٻن مبينا آپگهاتي بمبارن جا سيمپلز ڊي اين لاءِ محفوظ ڪيا ويا آهن.

هوڏانهن  عيسائي برادري سان ايڪي جي اظهار لاءِ بلوچستان ۾ وڪيلن عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي.

ڪو به وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ سبب ڪنهن به ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي آهي.

ڪوئيٽا، خضدار، ڊيرا بگٽي ۽ بولان سميت صوبي جي مختلف ضلعن ۾ بلوچستان بار ڪائونسل جي اپيل تي وڪيلن پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*