سنڌ هاءِ ڪورٽ، ٻٽي شهريت رکندڙ آءِ بي جي انسپيڪٽر جي ملازمت تي بحال ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي

sindh high

سنڌ هاءِ ڪورٽ، ٻٽي شهريت رکندڙ آءِ بي جي انسپيڪٽر جي ملازمت تي بحال ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، عدالت رمارڪس ڏنا آهن ته قانون نه پر ملڪي سلامتي جي مسئلي سبب ٻٽي شهريت رکندڙ شخص سرڪاري ملازمت نٿو ڪري سگهي.

درخواست گذار عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڪٿي به ناهي لکيل ته ٻٽي شهريت رکندڙ شخص ملازمت نٿو ڪري سگهي، جنهن تي عدالت رمارڪس ڏنا ته قومي پاليسي مطابق ٻٽي شهريت رکندڙ شخص سرڪاري ملازمت نٿو ڪري  سگهي، هي قانون نه پر ملڪ جي سلامتي جو مسئلو آهي، ٻٽي شهريت رکندڙ شخص ڳجهي اداري آءِ بي جو ملازم ڪيئن ٿي سگهي ٿو.

سرڪاري  وڪيل موقف ۾ چيو ته آءِ بي انسپيڪٽر ابراهيم ملازمت ڇڏي آمريڪا هليو ويو هو، گرين ڪارڊ حاصل ڪرڻ کانپوءِ کيس ملازمت تي بحال نٿو ڪري سگهجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*