سنڌ هاءِ ڪورٽ، ايم ڪيو ايم اڳواڻ شاهد پاشا جي حراست واري معاملي تي وفاقي ۽ سنڌ حڪومت سميت ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

Sindh-High-Court-31517

سنڌ هاءِ ڪورٽ، ايم ڪيو ايم اڳواڻ شاهد پاشا جي حراست واري معاملي تي وفاقي ۽ سنڌ حڪومت سميت ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ شاهد پاشا جي گهر واري جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏ صوبائي گهرو سيڪريٽري، ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ايڊيشنل ڊپٽي اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

عدالت، ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ۽ نيو ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته شاهد پاشا کي نيو ٽائون ٿاڻي جي حد مان متحده جي مرڪز کان گهر واپسي دوران حراست ۾ ورتو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*