سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 9 زخمي ٿي پيا آهن

Road-Accident-91216

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 9 زخمي ٿي پيا آهن.

ٿاڻو بولاخان ويجهو موٽر وي تي ويگن ۽ ڊمپر ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب ٻن عورتن، هڪ ٻارڙي سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 7 زخمي ٿي پيا آهن.

 لوڻي ڪوٽ ويجهو سکر کان ڪراچي ويندڙ ويگن جو ڊمپر سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ رضوان بيبي، ڪنزه ۽ ٻيا فوت، جڏهن ته عثمان علي، منصف علي شاهه، سڪندر، اريبا، زبير ۽ ڊرائيور سخت زخمي ٿي پيا، جن کي حيدرآباد سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.

جتي زخمين جو علاج جاري آهي، جڏهن ته پوليس پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا.

لاش گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو.

پنجاب جي علائقي راجنپور ۾ ٻن ڪارن   ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي.

راجنپور ويجهو  ٻن ڪارن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٺٽو واسي 2 ڄڻا اوڀايو مگسي ۽ غلام نبي دڦراڻي فوت ۽ هڪ ڄڻو رفيق کوکر زخمي ٿي پيو، جن کي پنجاب پوليس سکر پهچايو، جتان کان زخمي کي طبي امداد ڏيڻ بعد فوتين جا لاش ٺٽي روانا ڪيا ويا.

جتي پوليس پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا،

مقتولن جا لاش گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو.

جڏهن ته ٺٽو واسي اوڀايو مگسي ٽرڪن جي خريداري ۽ وڪري جي سلسلي ۾ پنهنجي ساٿي غلام نبي دڦراڻي ۽ رفيق کوکر سان گڏ پنجاب ويل هئا، جتي ساڻن حادثو پيش آيو.

مٽياري ويجهو نيشنل هاءِ وي تي ڪار ڪلٽي ٿيڻ سبب ڊرائيور فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي.

ڪار ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڊرائيور منٺار خان حاجاڻو فوت ۽ پ پ اڳواڻ فهد وساڻ زخمي ٿي پيو، جن کي اسپتال پهچايو ويو، جتي زخمي جو علاج جاري آهي، جڏهن ته پوليس فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو.

فوتي جو لاش گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو.

جڏهن ته فوتي ۽ زخمي ڪراچي کان شهدادپور وڃي رهيا هئا ته مٽياري وٽ ساڻن حادثو پيش آيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*