لاهور هائيڪورٽ پيمرا چيئرمين ابصارعالم جي مقرري کي ڪالعدم قرار ڏيندي کيس عهدي تان هٽائي ڇڏيو

Lahore-High-Court-81116

لاهور هائيڪورٽ پيمرا چيئرمين ابصارعالم جي مقرري کي ڪالعدم قرار ڏيندي کيس عهدي تان هٽائي ڇڏيو، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو آهي تجه نئين چيئرمين جي مقرري ميرٽ تي ڪئي وڃي، ان جي لاءِ اشتهار به جاري ڪيو وڃي.

لاهور هائيڪورٽ ۾ ايڊووڪيٽ اظهر صديق پيمرا چيئرمين ابصار عالم جي مقرري خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته ابصار عالم جي چيئرمين طور مقرري لاءِ ٻه ڀيرا اخبارن ۾ اشتهار ڏنو ويو، پهرين اشتهار ۾ هو پيمرا چيئرمين جي معيار تي پور نه لٿو هو.

لاهور هائيڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم دليل ٻڌڻ کانپوءِ 29 نومبر تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.

عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي ابصار عالم جي پيمرا چيئرمين مقرري جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته پيمرا چيئرمين کي ميرٽ کانسواءِ مقرر ڪيو ويو.

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ابصار عالم جي مقرري صاف شفاف طريقي سان نه ٿي هئي.

عدالت چيو ته پيمرا چيئرمين جي مقرري سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي به ڀڃڪڙي آهي، جنهن سبب حڪومت ميرٽ ۽ قانون موجب، فوري طور نئين پيمرا چيئرمين کي مقرر ڪري…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*