لاهور هائيڪورٽ عدليا خلاف تقريرن تي پابندي لاءِ گڏيل درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي آهي

LahoreHighCourtLHC12-8

لاهور هائيڪورٽ عدليا خلاف تقريرن تي پابندي لاءِ گڏيل درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نوازشريف جي نااهلي تي نواز ليگ اڳواڻن عدليا خلاف تقريرون ڪري رهيا اهن، عدالت کي استدعا آهي ته انهن تي پابندي لڳائي وڃي.

لاهور هائيڪورٽ ۾ عدليا خلاف تقريرن تي مريم نواز ۽ ٻين نواز ليگ اڳواڻن جي تقريرن تي پابندي لاءِ گڏيل درخواست جي ٻڌڻي ٿي، درخواست ۾ دانيال عزيز، جاويد هاشمي ۽ ٻيا اڳواڻ به شامل آهن.

عدالت درخواست کي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتو، جسٽس شاهد ڪريم درخواست جي ٻڌڻي ڪندو.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نوازشريف جي نااهلي تي نواز ليگ اڳواڻن عدليا خلاف تقريرون ڪري رهيا آهن.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته نواز ليگ اڳواڻن جي عدليا خلاف تقريرن تي پابندي لڳائي وڃي ۽  سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

عدالت درخواستگذار جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*