وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي وڏو خطرو آهي

shahid khaqan khitab

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي وڏو خطرو آهي، ماحولياتي تبديلي سبب سمورا ملڪ متاثر ٿي رهيا آهن، انسانن کي ماحولياتي تبديلي سبب چيلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو آهي

اسلام آباد ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ماحولياتي تبديلي هڪ وڏو خطرو آهي.

هن چيو ته ماحولياتي تبديلي جي ناڪاري اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل پاليسي جي ضرورت آهي.

وزيراعظم چيو ته پاڻي مان بجلي پيدا ڪرڻ واري منصوبو اسان ترجيحن ۾ شامل آهي. ايندڙ سال ملڪ ۾ فرنس آئيل جي درآمد ختم ٿي ويندي.

شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان ماحولياتي تبديلين جي پاليسي کي اپنايو آهي، اسان جو مقصد عوام کي ماحولياتي تبديلين جي اثر کان بچائڻ آهي.

هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي پيرس معاهدي جي منظوري ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته ماحولياتي تبديلي جي اثرن سبب سمورا ملڪ متاثر ٿي رهيا آهن.

وزيراعظم چيو ته موسم ۾ تبديلي اچي وئي آهي، فصلن تي به ان جا اثر پئجي رهيا اهن، ماحولياتي تبديلي هڪ سنجيده چيلينج آهي،

شاهد خاقان عباسي چيو ته انسان کي ماحولياتي تبديلي جي سڀ کان وڏي چيلينج کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*