قومي سلامتي بابت مشير ليفٽيننٽ رٽائرڊ جنرل ناصر جنجوعا چيو آهي ته

naser janjuwa

قومي سلامتي بابت مشير ليفٽيننٽ رٽائرڊ جنرل ناصر جنجوعا چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ جي ڪري پاڪستان  جو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، امريڪا پاڪستان جي قربانين جو اعتراف ڪرڻ بدران افغانستان ۾ شڪست جو الزام پاڪستان تي لڳائي رهيو آهي.

نيشنل سيڪيورٽي پاليسي سيمينار خطاب ڪندي ناصر جنجوعا پاڪستان ۾ دهشتگردي آمريڪا ۽ اولهه جو ساٿ ڏيڻ سبب ٿي  آهي.

هن چيو ته چين ۽ روس جي ڀيٽ ۾ آمريڪا وڌيڪ خطي کي عدم استحڪام جو شڪار ڪيو آهي.

قومي سلامتي بابت مشير چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان آمريڪا جو ساٿ ڏئي تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان کنيو پر هاڻ حالتون بهتر ٿي رهيون آهن.

هن چيو ته ڪراچي ۾ امن ۽ امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، بلوچستان جون حالتون به بهتري ڏانهن وڌي رهيون آهن، اڄ شرپسند هٿيار ڦٽو ڪري رهيا آهن.

ناصر جنجوعا چيو ته افغانستان ۾ طالبان وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، جنهن سبب آمريڪا دٻاءَ جو شڪار آهي.

هن چيو ته ڀارت هيٿارن جو ذخيرو گڏ ڪري رهيو آهي، جنهن سبب ڏکڻ ايشِا ۾ سلامتي دٻاءَ ۾ آهي.

ليفٽيننٽ جنرل رٽائرد ناصر جنجوعا چيو ته دنيا پاڪستان خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ناهي ڏسندي.

هن چيو ته آمريڪا پاڪستان تي حقياني نيٽ ورڪ ۽ طالبان جو ساٿ ڏيڻ جو الزام لڳائي رهيو آهي.

ناصر جنجوعا چيو ته افغانستان ۾ شڪست جو الزام به پاڪستان تي لڳايو پيو وڃي، گذريل 40 سالن کان افغانستان ۾ امن ۽ امان جي صورتحال انتهائي خطراب آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*