ناليواري قانون دان اعتزاز احسن چيو آهي ته ڪيلبري فونٽ ۽ قطري خط ڪوڙ تي ٻڌل هو

ahtizaz hasan

ناليواري قانون دان اعتزاز احسن چيو آهي ته ڪيلبري فونٽ ۽ قطري خط ڪوڙ تي ٻڌل هو، فوجداري ڪيس ۾ ڪا به ڇوٽ ناهي ملندي، حديبيا پيپر ملز ڪيس تي شريف ڪٽنب کي گهڻي ڇوٽ ڏني وئي، فراڊ ۽ مني لانڊرنگ ڪيسز ۾ ڪا وقت جي حد مقرر نه هوندي آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته سپريم ڪورٽ نوازشريف کي مني ٽريل ڏيڻ جو چوندي رهي پر نوازشيف طرفان هڪ قطري جو خط ڏنو ويو، جنهن مان مني ٽريل ظاهر نه ٿي ٿئي.

هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪيلبري فونٽ جا دستاويز ڏنا ويا، جيڪي جعلي هئا.

اعتزاز احسن چيو ته چيف جسٽس وڌيڪ  ڪاوڙ  ۾ اچي ويو هو ۽ ڪاوڙ ۾ بابا رحمت جو ذڪر ڪيو هو.

هن چيو عدالتي فيصلن سان اعتماد پيدا ٿيندو آهي، وضاحتن سان ناهي ٿيندو.

ناليواري قانوندان چيو ته فيصلو حديبيا جهڙو ايندو ته عدالتن تي اعتماد گهٽجي ويندو.

هن چيو ته شريف ڪٽنب سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو، ڪو به ڪيس داخل نه ٿيو،

سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته حديبيا پيپرز مل ڪيس ۾ شريف خاندان کي ڇوٽ ڏني وئي پر فوجداري ڪيس ۾ ڪا به ڇوٽ نه ملندي آهي.

اعتزاز احسن چيو ته فراڊ، مني لاڊرنگ ڪيس هڪ ٻئي کان وڌيڪ نه آهن، حديبيا ڪيس ۾ لاهور هائيڪورٽ جو فيصلو به غلط آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*