وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته راهداري منصوبو پاڪ چين دوستي جو واضح ثبوت آهي

ahsan iqbal

وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته راهداري منصوبو پاڪ چين دوستي جو واضح ثبوت آهي، چين سياسي استحڪام ۽ پاليسين سبب ترقي ڪئي. اسان کي چين جي وڌندڙ ترقي کي مڃڻو پوندو،

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته اڳوڻي وزيراعظم  نواز شريف 2013 ۾حڪومت سنڀاليندي ئي چين جو دورو ڪيو هو.

هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چين سان سي پيڪ جو تاريخي معاهدو ڪيو. راهداري ۾ شامل منصوبا 2030 ۾ مڪمل ٿي ويندا.

وفاقي گهرو وزير چيو ته 21 هين  صدي معاشي نظرئي جي صدي آهي، چين سان مضبوط دوستي جي واکاڻ لفظن ۾ ممڪن نه آهي.

وفاقي گهرو وزير چيو ته راهداري منصوبو پاڪ چين دوستي جو واضح ثبوت آهي،

احسن اقبال چيو ته چين سياسي استحڪام ۽ پاليسين سبب ترقي ڪئي. اسان کي چين جي وڌندڙ ترقي کي مڃڻو پوندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*