اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته وقت تي چونڊون ٿيڻ لاءِ سڀني کي سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي

nawaz shareef meet ayaaz sadiq

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته وقت تي چونڊون ٿيڻ لاءِ سڀني کي سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، ادارن جي استحڪام ۽ قانون جي بالادستي کي هٿي وٺرائي ويندي. اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته سياسي قوتن سان رابطي ۾ آهيون جل قانونسازي ڪئي ويندي.

لاهور جي جاتي امرا ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ۾ تڪ بندين ۽ فاٽا سڌران ۽ ٻين ڳالهين تي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي  نوازشريف چيو ته وقت تي چونڊون ٿيڻ لاءِ سڀني کي سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي،

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ادارن جي استحڪام ۽ قانون جي بالادستي کي هٿي وٺرائي  ويندي.

نوازشريف چيو ته بيگم ڪلثوم نواز جو علان لنڊن ۾ هلي رهيو آهي، جنهن جي طبيعت ۾ سڌارو اچي رهيو آهي،

اسپيڪر اياز صادق چيو ته سياسي قوتن سان رابطي ۾ آهيون جل قانونسازي ڪئي ويندي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*