مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاه لنڊن روانو ٿي ويو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پاران طلب ڪرڻ بعد اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه لنڊن روانو ٿي ويو، ذريعن موجب لنڊن ۾ پ پ قيادت جي اجلاس ۾ ٿر ڏڪار ۽ ملڪ جي سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويندو.

ذريعن موجب لنڊن ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اجلاس ۾ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، ۽ ٻيا اڳواڻ به شرڪت ڪندا.

ذريعن موجب اجلاس دوران ملڪي سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويندو.

ذريعن موجب اجلاس دوران ٿر جي ڏڪار واري صوررتحال تي به غور ويچار ڪيو ويندو ۽ ايندڙ حڪمت عملي پڻ جوڙي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*