ڇاڇرو ويجهو ڳوٺ سوکرو ۾ نامعلوم چور 28 ٻڪريون چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي

chachro

ڇاڇرو ويجهو ڳوٺ سوکرو ۾ نامعلوم چور  28 ٻڪريون چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

اڳوڻي ايم پي اي عبدالرزاق راهمون، حڪمو، ناٿو ميگهواڙ  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي عمرڪوٽ-ڇاڇرو روڊ تي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي مظاهرين چيو ته ٿرپارڪر ۾ پوليس نالي ڪابه شيءَ نه آهي، هتي ڀتاخوري تي هر برائي ٿئي پئي، ڪير پڇڻ وارو نه آهي.

هنن چيو ته عمرڪوٽ-ڇاڇرو روڊ تي چار کان پنج پوليس پڪٽون آهن، پر رات جي ڪا به چيڪنگ نٿي ٿئي.

هنن آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان گهر ڪئي ته چورن خلاف ڪارروائي ڪري سندن چوري ٿيل ٻڪريون واپس ڪرايون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*