سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ چيو آهي ته ٺٽو سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جو تاريخي شهر رهيو آهي

Sindh-High-Court-171016

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ چيو آهي ته ٺٽو سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جو تاريخي شهر رهيو آهي، جتي علم ۽ ادب جون وڏيون يونيورسٽيون ۽ درسگاهون هيون، ٺٽي کي سنڌ جي راڄڌاني رهڻ جو اعزاز پڻ حاصل رهيو آهي.

 اهڙو اظهار هن ٺٽي جي دوري دوران ٺٽي جي مين رڪشا اسٽاپ سامهون ڪورٽ جي پلاٽ تي سنڌ جوڊيشل ڪامپليڪس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب جي موقعي تي ڪيو.

هن چيو ته صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي پنهنجي دور ۾ وڏا علمي ۽ فقيراڻي طبيعت جا مالڪ هجڻ سان گڏوگڏ علائقي ۾ سندن وڏو ڪردار هو، جن هميشه صوفين جي ڌرتي سنڌ ۾ پيار، امن ۽ ڀائپي جو پيغام عام ڪيو.

چيف جسٽس چيو ته مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، شهيد صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ شهيد دولهه درياءَ خان سنڌ جا پهريان محب وطن عالم هئا، جن دين ۽ علم جي شاندار خدمت ڪئي.

هن چيو ته صوفي شاهه عنايت جهڙا بهادر انسان به هن خطي ۾ پيدا ٿيا، جن وطن دوستي جو ثبوت ڏنو ۽ تاريخ رقم ڪئي.

هن وڌيڪ چيو ته سنڌي ادب ۽ لٽريچر لاءِ ٺٽي جي عالمن جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.

 ان موقعي تي چيف جسٽس احمد علي شيخ، سنڌ جوڊيشل ڪامپليڪس جي ڊائريڪٽر جرنل رٽائرڊ جسٽس خلجي عارف حسين، سيشن جج ٺٽو عبدالنعيم ميمڻ ۽ ٻين ججن سان گڏ ٺٽي ۾ جوڊيشل ڪامپليڪس جي پيڙه جو پٿر رکيو، بعد ۾ هن مڪلي قبرستان جو دورو ڪري مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، دولهه درياءَ خان، ڄام نظام الدين ۽ ٻين شخصيتن جي مزارن تي حاضري ڀري دعائون گُهريون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*