صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي حوالي سان سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيو آهن

sohail anwer siyal

صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي حوالي سان سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيو آهن.

گهرو وزير سهيل انور سيال ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزار ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سڪيورٽي ۽ ٽريفڪ انتظامن بابت قدمن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ اجلاس جي به صدارت ڪئي، جنهن ۾ ڪمشنر لاڙڪاڻو، ڊي سيز، ڊي آءِ جيز ۽ ٻين انتظامي آفيسرن شرڪت ڪئي.

سهيل انور سيال عملدارن کي هدايت ڪئي ته ورسي جي موقعي تي موبائيل گشت، اسنيپ چيڪنگ ۽ ناڪابندي کي اثرائتو بڻائي داخلي ۽ خارجي رستن تي شڪي ماڻهن تي خاص نظر رکي وڃي ۽ فوري طور تي ڪارروائي يقيني به بڻايو وڃي.

هن هدايت ڪئي ته مزار ڏانهن ويندڙ رستن تي قائم ڪيل حد دخليون فوري طور تي ختم ڪرئي، صفائي جي نظام کي يقيني بڻايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*