صدر ممنون حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ فرقيواراڻي ڇڪتاڻ جي هر سازش کي قومي اتحاد سان ناڪام بڻايو ويندو

Mamnoon-Hussain-181217

صدر ممنون حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ فرقيواراڻي ڇڪتاڻ جي هر سازش کي قومي اتحاد سان ناڪام بڻايو ويندو، نوجوان قومي ۽ عالمي معاملن تي گهري نظر رکن.

ڪراچي ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ حالتون بهتر ٿيون هاڻ ملڪ جي هر حصي مان دهشتگردي جو خاتمو ڪيو ويندو.

هن چيو ته شدت پسندي ۽ سياسي عدم استحڪام ملڪ کي نقصان پهچايو، نوجوان ملڪي استحڪام لاءِ قومي ۽ عالمي معاملن تي گهري نظر رکن.

صدر ان موقعي تي اسپتالن جي گند کي صحت جي اصولن مطابق ٺڪاڻي لڳائڻ جو نظام واضح ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*