ڪي پي ڪي جي آءِ صلاح الدين محسود چيو آهي ته قوم جي حفاظت به اسان جي فرض ۾ شامل آهي

salahuddin mahsood

ڪي پي ڪي جي آءِ صلاح الدين محسود چيو آهي ته قوم جي حفاظت به اسان جي فرض ۾ شامل آهي، هڪ واقعي کانپوءِ اسان خاموش نٿا ويهي سگهون، امن لاءِ اسان جون ڪوششون هر وقت جاري رهنديون. فورسز کي عوام جي سپورٽ جي هميشه ضرورت هوندي آهي.

پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صلاح الدين محسود چيو ته وردي وارن سمورن ادارن تي ملڪ لاءِ وڙهڻ فرض آهي ۽ قوم جي حفاظت به اسان جي فرض ۾ شامل آهي،

هن چيو ته هڪ واقعي کانپوءِ اسان خاموش نٿا ويهي سگهون، امن لاءِ اسان جون ڪوششون هر وقت جاري رهنديون.

ڪي پي ڪي جي آءِ جي چيو ته فورسز کي هميشه عوام جي سهڪار جي ضرورت هوندي آهي.

صلاح الدين محسود چيو ته سمورا  ادارا هڪ ٻئي سان سهڪار سان ڪم ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته 2014 ع جي ڀيٽ ۾ حالتن ۾ 75 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته دهشتگردي جي واقعن ۾ 51 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي.

آءِ جي ڪي پي ڪي چيو ته منشيات فروشن خلاف هن سال 37 هزار کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪيا ويا.

هن چيو ته دهشتگردي تحت 151 ڪيس داخل ڪيا ويا، هن سال دهشتگردي جا 2 وڏا واقعا پيش  آيا،

صلاح الدين محسود چيو ته هن سال 428 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا، جڏهن ته عدالتن ۾ 350 دهشتگردن جا ڪيس ڪاميابي سان مڪمل ٿيا…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*