ڪوئيٽا جي علائقي مري آباد ۾ گيس ليڪ ٿيڻ سبب گهر اندر ڌماڪو، ٻن ٻارڙن سميت 3 ڄڻا اجل جو شڪار

ڪوئيٽا جي علائقي مري آباد ۾ گيس ليڪ ٿيڻ سبب گهر اندر ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻن ٻارڙن سميت 3 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

ڪوئيٽا ۾ مري آباد جي علائقي نادر آباد ۾ گهر اندر گيس ليڪ ٿيڻ سبب ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ گهر اندر ستل عورت ۽ سندس 2 ٻارڙا اجل جو شڪار ٿي ويا.

ڌماڪي سبب گهر جي ڇت پڻ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ٻارڙا دبجي زخمي زخمي پڻ ٿي پيا ، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب گهر اندر ڌماڪو گيس ليڪ ٿيڻ سبب ٿيو آهي، جڏهن ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*