الطاف حسين جو آصف زرداري سان ٽيليفونڪ رابطو، ٻنهي اڳواڻن اميدوارن جي بنا مقابلي ڪاميابي تي هڪٻئي کي مبارڪون ڏنيون

ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين، پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري ملڪ جي سياسي صورتحال، سينيٽ چونڊن ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي، ٻنهي اڳواڻ ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪندي چيو آهي ته ماضيءَ جي تلخين کي ٻيهر نه ورجايو ويندو.

لنڊن مان جاري ڪيل پڌرائي موجب، الطاف حسين آصف علي زرداري سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن سينيٽ چونڊن ۾ اميدوارن جي بنا مقابلي ڪاميابي تي هڪٻئي کي مبارڪون ڏنيون.

ٽيليفونڪ رابطي دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملڪ جي ڀلائي ۽ خوشحالي سميت عوام جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

رابطي دوران ٻنهي اڳواڻن ماضيءَ جون تلخيون وساري سنڌ ۾ مفاهمت جي فضا کي جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*