اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ذڪي الرحمان لکوي جي نظربندي خلاف درخواست تي وفاق کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، ممبئي حملن ڪيس جي مبينا مـُک جوابدار ذڪي الرحمان لکوي جي نظربندي خلاف درخواست تي وفاق ۽ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ کي نوٽيس جاري ڪندي 5 مارچ تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

جسٽس نور الحق قريشي تي ٻڌل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ ممبئي حملن ڪيس جي مبينا مک جوابدار ذڪي الرحمان لکوي جي نظربندي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران ذڪي الرحمان لکوي جي وڪيل رضوان عباسي موقف اختيار ڪيو ته لکوي مٿان لڳايل الزام هن وقت تائين ثابت ناهن ٿي ٿيا ۽ نه ئي ڪي ثبوت پيش ڪيا ويا آهن.

رضوان عباسي چيو ته لکوي مٿان اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽  3 ڀيرا ذڪي الرحمان لکوي کي نظربند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي چڪو آهي.

درخواستگذار عدالت کي استدعا ڪئي ته ذڪي الرحمان لکوي جي نظربنديءَ وارو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

عدالت، اهڙي درخواست تي وفاقي حڪومت ۽ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ کي نوٽيس جاري ڪندي 5 مارچ تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*