ٺاروشاهه، سيتاروڊ ۽ ٻين علائقن ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪن خلاف ججن جي ڪارروائي دوران عطائي ڊاڪٽر ڪلينڪون بند ڪري فرار ٿي ويا

TharuShah-Sindh-Map-3517

ٺاروشاهه، سيتاروڊ ۽ ٻين علائقن ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪن خلاف ججن جي ڪارروائي دوران عطائي ڊاڪٽر ڪلينڪون بند ڪري فرار ٿي ويا.

سول جج نثار احمد شر ٺاروشاهه، مڃٺ ۽ درٻيلي ۾ ڪلينڪن تي اوچتا ڇاپا هڻي  سندون چيڪ ڪيون.

جڏهن ته ڀريا سٽي ۾ فرسٽ سول جج ديدار علي پڻ مختلف ڪلينڪن تي ڇاپا هڻي سندون چيڪ ڪيون.

سول ججن جي ڪارروائي دوران  عطائي ڊاڪٽرن ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ ڪيترائي ڊاڪٽر ڪلينڪون بند ڪري فرار ٿي ويا.

 ان موقعي تي ججن جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عطائي ڊاڪٽرن جي ڊيٽا گڏ ڪري رهيا آهيون، سندن لسٽون ٺاهي سپريم ڪورٽ کي موڪليون وينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*