وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته پوليس جي خدمتن ۽ قربانين تي اسان کي فخر آهي

ahsan-iqbal-251117

وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته پوليس جي خدمتن ۽ قربانين تي اسان کي فخر آهي، ملڪ جي ترقي جو دارومدار امن جي استحڪام تي هوندو آهي، پوليس جو ڪنهن به معاشري ۾ ڪردار اهم هوندو آهي.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته ملڪ جي ترقي جو دارومدار امن ۽ استحڪام تي هوندو آهي، بدامني سان ترقي جو سفر رڪجي ويندو آهي.

هن چيو ته ملڪ ۾ امن نه هوندو ته ترقي جا منصوبا اڳتي نه وڌي سگهندا آهن.

وفاقي گهرو وزير چيو ته گهرو وزير جون ذميواريون چيلينج سمجهي سنڀاليون آهن، ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ پهرين ترجيح آهي.

هن چيو ته اسان کي پوليس جي خدمتن ۽ قربانين تي فخر آهي.

احسن اقبال چيو ته پوليس جو ڪنهن به معاشري ۾ اهم ڪردار هوندو آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*