سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري، وسڪاري سبب زندگي جو ڪارنهوار متاثر

سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، موسميات کاتي ملڪ جي اترين علائقن ۾ اڄ کان برسات سان گڏ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

لاهور سميت پنجاب جي اڪثر علائقن ۽ سنڌ جي مختلف علائقن لاڙڪاڻو، سکر، نوابشاهه، سانگهڙ، شڪارپور، تنگواڻي، کڏڙو، ٺاروشاهه، نارو ۽ ڪنڌ ڪوٽ ۾ گذريل ڏينهن کان وقفي وقفي سان برسات پئي، وسڪاري سان ٿڌ ۾ واڌ سبب زندگي جو ڪارنهوار متاثر ٿي ويو.

موسميات کاتي چيو آهي ته ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم جهڙالي رهندي ۽ هلڪي  برسات جو  به امڪان آهي، جڏهن ته ٿڌيون هوائون لڳڻ جو سلسلو به جاري رهندو.

موسميات کاتي موجب، اسلام آباد، پشاور، ڪوئيٽا، مري،  سکر، شهيد بينظير آباد، حيدرآباد ۽ جيڪب آباد ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران جهڙالي موسم گڏ برسات جو امڪان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*