تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته عدالت ۾ نوازشريف جي ڪاوڙ جو سبب ڪيس آخري مرحلي ۾ داخل ٿيڻ آهي

fawad chodhary

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته عدالت ۾ نوازشريف جي ڪاوڙ جو سبب ڪيس آخري مرحلي ۾ داخل ٿيڻ آهي، ميان صاحب کي قانون جي ڄاڻ هجي ها ته عدالت ۾ قطري قطري کيڏڻ بدران پنهنجو اعمال نامو پيش ڪري ها، هو جنهن منڊي کان انصاف خريد ڪندو هو، اها هاڻ ويران ٿي وئي آهي.

نوازشريف جي بيان تي رد عمل ۾ فواد چوڌري چيو ته عدالت ۾ نوازشريف جي ڪاوڙ جو سبب ڪيس آخري مرحلي ۾ داخل ٿيڻ آهي،

هن چيو ته ميان صاحب وٽ پنهنجي دفاع ۾ “اوهان کي ڇا” چوڻ کان علاوه ڪجهه به نه هوندو آهي.

فواد چوڌري چيو ته هوڏانهن ميان صاحب جي سياست کي شهبازشريف جي سياست کان به خطرو آهي.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته همدردي جي اظهار سان جيڪڏهن نوازشريف جي دل مطئمن ٿئي ٿي ته اسان ان لاءِ تيار آهيون.

فواد چوڌري چيو ته مسئلو اهو آهي ته نوازشريف جنهن منڊي کان انصاف خريد ڪندو هو اها اجڙي چڪي آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*