صاف پاڻي واري معاملي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي آگاهي ڏني وئي آهي ته ڪراچي ۾ 1350 ملين گيلن ضرورت آهي جڏهن ته موجود وقت ۾ ساڍا 6 سئو ملين گيلن پاڻي ٽريٽ ڪيو پيو وڃي

cm

صاف پاڻي واري معاملي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي آگاهي ڏني وئي آهي ته ڪراچي ۾ 1350 ملين گيلن ضرورت آهي جڏهن ته موجود وقت ۾ ساڍا 6 سئو ملين گيلن پاڻي ٽريٽ ڪيو پيو وڃي.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پاڻي فراهمي معاملي تي اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزير، چيف سيڪريٽري، ضلعي ۽ ٻيا سينئر عملدار شريڪ ٿيا.

وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته ڪراچي کي پاڻي فراهمي جا ذريعا ڪينجهر ۽ حب ڊيم آهن، جڏهن ته 54 گيلن پاڻي سال ۾ في ماڻهو جي ضرورت آهي.

آگاهي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڪراچي کي پاڻي جي ضرورت 1350 ملين گيلن  آهي، جيڪا 10 سالن ۾ 1890 ملين گيلن ٿي ويندي، جڏهن ته هن وقت ساڍا 6 سئو ملين گيلن پاڻي ٽريٽ ڪيو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*