آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته جيڪي ماڻهو ٽي وي تي ويهي اسان جي ترجمان ڪن ٿا

Bajwa-Army-Cheif-231117

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته جيڪي ماڻهو ٽي وي تي ويهي اسان جي ترجمان ڪن  ٿا، اسان جو انهن سان ڪو به تعلق نه آهي، ٽي وي چينلن تي تبصرو ڪندڙ رٽائرڊ آفيسر به اسان جا ترجمان نه آهي، ايران ۽ سعودي عرب ۾ ڪا به ويڙهه نه ٿيندي ۽ نه ئي اسان ايئن ٿيڻ ڏينداسين،

سينيٽ جي هول ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف، ڊي جي آءِ ايس پي آر، ڊي جي ايم او شرڪت ڪئي.

اجلاس کانپوءِ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته انڪئمرا اجلاس ۾ ملڪ کي درپيش خطرن بابت آگاهه ڪيو ويو ۽ دهشتگردد جي خاتمي لاءِ ورتل اپائن بابت آگاهي ڏني وئي،

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته سول ۽ عسڪري نمائندن سمورين خطرن جو گڏجي مقابلو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.

اجلاس ساڍا 4 ڪلاڪ جاري رهيو، ڊگهو وقت انتظار ڪرڻ تي ڊي جي آءِ ايس پي آر صحافين جا ٿورا مڃيا،

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته تفصيلي پريس ڪانفرنس ٽن چئن ڏينهن ۾ ڪبي، آرمي چيف ، ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر اجلاس ۾ شريڪ ٿيا،

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته جيڪي ماڻهو ٽي وي تي ويهي اسان جي ترجمان ڪن  ٿا، اسان جو انهن سان ڪو به تعلق نه آهي،

هن چيو ته ٽي وي چينلن تي تبصرو ڪندڙ رٽائرڊ آفيسر به اسان جا ترجمان نه آهي، ايران ۽ سعودي عرب ۾ ڪا به ويڙهه نه ٿيندي ۽ نه ئي اسان ايئن ٿيڻ ڏينداسين،

آرمي چيف چيو ته 41 ملڪي اتحاد ڪنهن ملڪ جي خلاف نه آهي، اتحاد جا ٽي او آرز طئي ٿيڻ اڃا باقي آهن،

جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته پارليامينٽ دفاع ۽ پرڏيهي پاليسي ٻڌائي، اسان عملدرآمد ڪرائينداسين………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*