پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري چيو آهي ته رياستي ادارن جي حفاظت ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي

tahir ul qadri

پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري چيو آهي ته رياستي ادارن جي حفاظت ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف عدليه کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ عدليه تي الزام مڙهيا،  عدليه جي فيصلن کي ٻٽو معيار قرار ڏيڻ بغاوت آهي، شهبازشريف ۽ راڻا ثناءُ الله استعيفيٰ ڏين، 31ڊسمبر کانپوءِ ايندڙحڪمت عملي جو اعلان ڪندس.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي طاهر القادري چيو ته نوازشريف، شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله پاڻ کي قانون حوالي ڪن.

هن چيو ته شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله 31 ڊسمبر تي استعفي ڏين ٻي صورت ۾ آئندي جي حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو

طاهر القادري چيو ته نواز شريف پاران عدليه جي فيصلن کي ٻٽو معيار قرار ڏيڻ بغاوت آهي، جنهن تي به سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

هن چيو ته نواز شريف عدليه کي انصاف جو قتل ڪندڙ قرار ڏنو.

عوامي تحريڪ جي اڳواڻ چيو ته 14بيگناهن کي شهيد ڪري سمجهيو ويو ته ڪير انصاف نه وٺندو.

هن چيو ته ماڊل ٽائون سانحي  جي انصاف ۾ غيرضروري دير برداشت نه ڪئي ويندي.

طاهر القادري چيو ته رياست جي ذميواري آهي ته نواز شريف کي روڪي، اسان آئين ۽ قانون موجب بدلو وٺنداسين……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*