قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان جي خواهش آهي ته چونڊون وقت تي مقرر وقت تي ٿين

khursheed shah

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان جي خواهش آهي ته چونڊون وقت تي مقرر وقت تي ٿين، آرمي چيف جو پارليامينٽ اچ ۽ سينيٽ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيڻ معمول جي ڳالهه آهي، اها ڪا انوکي ڳالهه نه آهي، ان کان اڳ به جنرل راحيل شريف به بريفنگ ڏئي چڪو آهي، عسڪري عملدارن جي بريفنگ پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ سٺو سنوڻ آهي،

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اسان جي خواهش آهي ته چونڊون وقت تي مقرر وقت تي ٿين،

هن چيو ته آرمي چيف جو پارليامينٽ اچ ۽ سينيٽ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيڻ معمول جي ڳالهه آهي، اها ڪا انوکي ڳالهه نه آهي، ان کان اڳ به جنرل راحيل شريف به بريفنگ ڏئي چڪو آهي،

اپوزيشن ليڊر چيو ته عسڪري عملدارن جي بريفنگ پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ سٺو سنوڻ آهي،

خورشيد شاهه چيو ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڏائڻ ضروري آهي، ڪوئيٽا سانحي ٿيو ته ڪجهه ماڻهو رستي ۾ ويهي رهيا هئا،

قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته حڪومت ۽ ادارن ۾ ٽڪراءَ ٿيندي نظر اچي رهيوآهي، اهڙن معاملن کي ويهي ڳالهيون ڪري حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

خورشيد شاهه چيو ته نوازشريف ئي ٻڌائي سگهي ٿو ته عدل جي تحريڪ ڇا آهي.

اپوزيشن ليڊر چيو ته لڳي ٿو ته ميان صاحب تحريڪ انصاف جي مقابلي ۾ عدل جي تحريڪ واري پارٽي ٺاهي رهيو آهي.

قومي اسيمبلي ۾مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته ميان صاحب کي هميشه چيو ته ادان کي بدنام نه ڪيو وڃي، پارليامينٽ به هڪ وڏوادارو آهي، جنهن کان سڀ ادارا مدد وٺندا آهن، جيڪڏهن ادارن ۾ جنگ شروع ٿي ته وڏو نقصان ٿيندو. ……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*