سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف خلاف توهين عدالت جي درخواست خارج ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ، اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف  خلاف توهين عدالت جي درخواست خارج ڪري ڇڏي آهي.

جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ، سوئيس ڪيس کولڻ لاءِ سوئٽرزلينڊ اختيارين کي خط نه لکڻ  تي راجا پرويز اشرف خلاف توهين عدالت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار مولوي اقبال حيدر موقف اختيار ڪيو ته راجا پرويز اشرف سوئيس ڪيس کولڻ لاءِ عدالتي حڪم باوجود خط نه لکيو، سندس اهڙو قدم توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو.

درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته راجا پرويز اشرف خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي هلائي وڃي.

عدالت، درخواست غير موثر ٿيڻ ۽ درخواستگذار پاران پيروي نه ڪرڻ سبب رد ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بينچ سوئيس ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي نااهل قرار ڏئي چڪي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*