پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته نواز شريف جيان عمران خان جي سياست جو به باب بند ٿيڻ وارو آهي

karachi pp ijlas

پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته نواز شريف جيان عمران خان جي سياست جو به باب بند ٿيڻ وارو آهي، پي ٽي آءِ وارا سنڌ ۾ 5 هزار ڪرسيون لڳائي جلسيون ڪندا آهن ، پر پيپلزپارٽي جي جلسن ۾ لکين ماڻهو شريڪ ٿيندا آهن.

ڪراچي ۾ پ پ سنڌ جي ايگزيڪٽو ڪميٽي جي اجلاس دوران 27 ڊسمبر تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي انتظامن جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ پ پ اڳواڻ وقادر مهدي، راشد راباني،سيد ناصر حسين شاهه، مڪيش ڪمار چاولا ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس کي خطاب ڪندي نثار کهڙو هو چوڻ هو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش ۾ جلسو منعقد ڪيو ويندو، جنهن کي بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري خطاب ڪندا.

هن چيو ته نواز شريف جيان عمران خان جي سياست جو به باب بند ٿيڻ وارو آهي، پي ٽي آءِ وارا سنڌ ۾ 5 هزار ڪرسيون لڳائي جلسيون ڪندا آهن ، پر پيپلزپارٽي جي جلسن ۾ لکين ماڻهو شريڪ ٿيندا آهن…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*