جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پاڪستان کي خوبصورت،خوشحال ۽ ڪرپشن کان آزاد ڪنداسين

siraj ul haq

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پاڪستان کي خوبصورت،خوشحال ۽ ڪرپشن کان آزاد ڪنداسين، اسان جي قوم شينهن جيان آهي  پر قيادت گدڙن جي هٿ ۾ آهي، ڪنهن به سياسي اڳواڻ جو پٽ ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ نٿو پڙهي، اهڙي ليڊر جي ضرورت آهي جنهن جو قبلو واشنگٽن نه پر ڪعبت الله هجي.

پشاور ۾ اسلاميه ڪاليج جي شاگردن کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته پاڪستان کي خوبصورت،خوشحال ۽ ڪرپشن کان آزاد ڪنداسين،

هن چيو ته اسان جي قوم شينهن جيان آهي  پر قيادت گدڙن جي هٿ ۾ آهي،

سراج الحق چيو ته ڪنهن به سياسي اڳواڻ جو پٽ ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ نٿو پڙهي،

هن چيو ته اهڙي ليڊر جي ضرورت آهي جنهن جو قبلو واشنگٽن نه پر ڪعبت الله هجي.

سراج الحق چيو ته آمريڪا جو بيت المقدس کي اسرائيلي گادي وارو شهر بڻائڻ وارو فيصلو اسان کي اڪيلو نٿو ڪري سگهي.

هن چيو ته حڪمران ٽرمپ سان رابطي ۾ هوندا آهن، اهڙن حڪمرانن جي ڪا به ضرورت نه آهي.

هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جي گهرواري بيمار ٿيندي آهي ته ان جو علاج به پرڏيهه ۾ ٿيندو آهي، ڇا ملڪ ۾ اسپتال نه آهي.

سراج الحق چيو ته حڪمران عوام جي ڪلهن تي چڙهي ايوان ۾ ايندا آهن، سندن ٻار هن ملڪ ۾ نه پڙهندا آهن پر چونڊن ايندي ئي ميدان ۾ اچي ويندا آهن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*