ڊيف ريچ اسڪولز سنڌ جي ڊائريڪٽر ڊينل مارڪ چيو آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ جي اسپيشل ٻارڙن کي بهتر تعليم ڏيڻ لاءِ سنڌ گورنمينٽ ۽ سي ايس ايڊ جي سهڪار سان سکر ۾ هڪ وڏو ۽ ڪشادو اسڪول قائم ڪري ٻارڙن کي معياري ۽ بهتر تعليم ڏئي سگهون

deaf reach school sukur

ڊيف ريچ اسڪولز سنڌ جي ڊائريڪٽر ڊينل مارڪ چيو آهي  ته اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ جي اسپيشل ٻارڙن کي بهتر تعليم ڏيڻ لاءِ سنڌ گورنمينٽ ۽ سي ايس ايڊ جي سهڪار سان سکر ۾ هڪ وڏو ۽ ڪشادو اسڪول قائم ڪري ٻارڙن کي معياري ۽ بهتر تعليم ڏئي سگهون.

هن سکر جي ڊيف ريچ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ جي سگهه کان محروم خاص ٻارڙن جي والدين واري ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اتر سنڌ جي شڪارپور، خيرپور، روهڙي، پريالو، پنوعاقل ۽ سکر سميت مختلف شهرن جا ڊيف ريچ اسڪول سکر ۾ 230 ٻارڙا خاص تعليم اشارن جي ٻولي ۾ پرائڻ سان گڏ هنر پڻ سکي رهيا آهن.

 ڊائريڪٽر ڊينل مارڪ چيو  ته 200 کان وڌيڪ گونگا ۽ ٻوڙا ٻارڙا اسان وٽ ويٽنگ لسٽ تي آهن، جن کي سٺي ۽ معياري تعليم ڏيڻ لاءِ ڊيف ريچ انظاميا اسٽيوٽا سنڌ ۽ يو ايس ايڊ جي گڏيل سهڪار سان سکر جي گوليمار واري علائقي ۾ هڪ ڪشادي نئي عمارت ٺهرائي رهي آهي، جتي ايندڙ سال جي مارچ ۽ اپريل 2018 ۾ 500 جي لڳ ڀڳ ٻارڙن کي تعليم ڏني ويندي، جنهن عمارت جو ڪم آخري مرحلي ۾ آهي.

جڏهن ته تقريب کي پروگرام مينيجر عمران حسين، ڊيف ريچ اسڪول جي پرنسپال جنيد وارث، وائس پرنسپال عائشا تيمور،  ايڊمن تيمور رضا ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 تقريب ۾ اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻارڙن جي والدين پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*