سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ انڊسٽريز کاتي اندر غير قانوني ڀرتين واري ڪيس جي ۾ جاچ آفيسر رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي

sindh high

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ انڊسٽريز کاتي  اندر غير قانوني ڀرتين واري ڪيس جي ۾ جاچ آفيسر رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي ۽ ٻين خلاف انڪوائري کي انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.

چيف جسٽس جاچ آفيسر کان سوال چيو ته اوهان کي رئوف صديقي کي گهرائڻ جي همٿ هئي يا نه؟  جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته رئوف صديقي کي جاچ لاءِ خط لکيو، جنهن جو جواب ناهي مليو.

رئوف صديقي جي وڪيل جو چوڻ هو ته معاملو تمام پراڻو آهي، جائزو وٺي پوءِ جواب داخل ڪرائينداسين.

رئوف صديقي جو چوڻ هو ته کاتي ۾ ڀرتيون منهنجي دور ۾ نه پر بعد ۾ ايندڙ وزير جي دور ۾ٿيون آهن، نيب سان مڪمل طور سهڪار لاءِ تيار آهيون، گرفتاري کان بچايو وڃي.

عدالت 22 فيبروري تائين جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*