مخالفن کي پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٿيل معاهدن تي مايوسي ٿي آهي شهباز شريف

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جي ترقي جو سفر تيزي سان منزل طرف وڌي رهيو آهي، ترقي  مخالفن کي پاڪ-چين معاهدن تي وڏي مايوسي ٿي آهي.

لاهور ۾ شهباز شريف ۽ وفاقي وزير خرم دستگير وچ ۾ ملاقات دوران ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ چين سان ٿيل معاهدن تي ڳالهيون ٿيون.

ان موقعي تي شهباز شريف جو چوڻ هو ته چيني قيادت سندن حڪومت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، چين سان ٿيل معاهدن تي تيز رفتاري ۽ شفافيت سان عمل در آمد ڪيو ويندو.

هن چيو ته انهن معاهدن سان ملڪ ترقي ڪندو پر ترقي جي مخالفن کي مايوسي ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*