خانپور پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ٻه مهينا اڳ ڪراچي مان مبينا اغوا ٿيل ناري سائره شاهه کي بازياب ڪرائي ٻن جوابدران کي گرفتار ڪري ورتو آهي

khanpur-11616

خانپور  پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ٻه مهينا اڳ ڪراچي مان مبينا اغوا ٿيل ناري سائره شاهه کي بازياب ڪرائي ٻن جوابدران کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس 2 مهينا اڳ ڪراچي مان اغوا ٿيل 10 ورهين جي معصوم نينگري سائرا ڌيءَ اصغر علي شاهه کي بازياب ڪرائي ٻن جوابدارن شوڪت شيخ ۽ جلال شيخ کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس دعويٰ ڪندي چيو ته ڳجهو اطلاع مليو ته جوابدار  اغوا ٿيل نينگري کي سنڌ مان بلوچستان ڏانهن کڻي وڃي رهيا آهن، ته سندن بروقت علائقي جي ناڪابند ڪندي سرچ آپريشن ڪيوسين، جتي  نينگري پوليس کي ڏسندي ئي دانهون ڪيون، جنهن تان نينگري کي بازياب ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو.

ان موقعي تي بازياب ٿيل نينگري جو چوڻ هو ته جوابدارن ڪراچي جي هڪ پاڙي ۾ گڏ رهندا هئا، جن مونکي اغوا ڪري بلوچستان ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ کڻي وڃي رهيا هئا ته پوليس ڏسي مون کي بازياب ڪرايو.

ٻئي طرف والد جو چوڻ آهي ته 2 مهينا اڳ منهنجي ٽئين ڪلاس ۾ پڙهندڙ نياڻي سائرا شاهه  دڪان تان فروٽ وٺڻ وئي ته کيس ٽن جوابدارن نشو ڏئي کيس اغوا ڪري ويا ۽ ڌاڙيل مغوي نياڻي جي بازيابي لاءِ ڀنگ طلب ڪندا هئا.

آخر ۾ والد خانپور پوليس جا ٿورا مڃيندي خوشي جو اظهار ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*