ڪراچي جي فتح محمد گبول ڳوٺ ۾ هٿيار بندن فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي قتل ڪري ڇڏيو

Karachi-Firing-10916

ڪراچي جي فتح محمد گبول ڳوٺ ۾ هٿيار بندن فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن  ڪورنگي ۾ هٿيار بند جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي.

سهراب ڳوٺ جي فتح محمد گبول ڳوٺ ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿيار بندن فائرنگ ڪري 45 ورهين جي دلاور خان کي قتل ڪري ڇڏيو.

واقعي بعد لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس پاران واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو قرار ڏنو ويو آهي.

هوڏانهن ڪورنگي جي ناصر جمپ وٽ هٿيار بندن فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*