پيپلزپارٽي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته اسان ملڪ ۾ ڪڏهن به جمهوريت کي ڊي ريل ٿيڻ نه ڏينداسين

qamar zaman qaira

پيپلزپارٽي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته اسان ملڪ ۾ ڪڏهن به جمهوريت کي ڊي ريل ٿيڻ نه ڏينداسين، نواز شريف ادارن ۾ ٽڪراءُ چاهي ٿو، مائنس وارو فارمولا مسلم ليگ ن پاڻ ڏنو، نواز شريف جي چوري پڪڙجي پئي ان ڪري نااهل ٿيو.

فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قمر زمان ڪائره چيو ته قربانيون شاهدي ڏين ٿيون ته پ پ جمهوريت جي سياست ڪندي آهي،

هن چيو ته پيپلزپارٽي ملڪ ۾ ڪڏهن به جمهوريت کي ڊي ريل ٿيڻ نه ڏيندي، اسان هميشه جمهوريت جي بقا جي جنگ وڙهي آهي.

هن چيو ته ن ليگ معاملا ٻيهر خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، مائنس وارو فارمولو مسلم ليگ ن پاڻ ڏنو.

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ چيو ته نواز شريف جي چوري پڪڙي وئي، جنهن سبب کيس نااهل ڪيو ويو.

هن چيو ته نواز شريف فيصلو خلاف اچڻ تي عدالتن کي گاريون ڏئي رهيو آهي، ۽ هو ادارن سان ٽڪراءَ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ،

قمر زمان ڪائره چيو ته چونڊن ۾ دير ٿيڻ نه ڏينداسين، حڪومت کي تڪ بندين وارو واعدو پاڙڻ گهرجي،

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ چيو ته وسيلن جي ورهاست وارو معاملو اهم آهي، ملز مالڪ آبادگارن سان زيادتي ڪري رهيا آهن، ملز مالڪن جو آبادگارن سان رويو بهتر ناهي: قمر زمان ڪائره

پيپلزپارٽي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته قربانيون شاهدي ڏين ٿيون ته پ پ جمهوريت جي سياست ڪندي آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*