غوثپور ويجهو تيغاڻي برادري پاران چڱي مڙس عبدالفتاح تيغاڻي سميت ٻين جي گرفتارين خلاف ڳڙھي تيغو ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو

ghos pur

غوثپور  ويجهو تيغاڻي برادري پاران چڱي مڙس عبدالفتاح تيغاڻي سميت ٻين جي گرفتارين خلاف ڳڙھي تيغو ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو.

محمد شاھه ۽  فدا حسن جي اڳواڻي ۾ تيغاڻي برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته ڪشمور پوليس ڏوھارين سان مليل آھي، بيگناھ تيعاڻي، سبزوئي ۽ ملڪ برادري جي20 ماڻھن کي گرفتار ڪيو آھي.

هنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ڪشمور پوليس خلاف ڪارروائي ڪري بيگناھه گرفتار ڪيل ماڻھن کي آزاد ڪري مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*